ڀارت راوي درياءَ ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو، ڪيترائي ڳوٺ متاثر ٿيڻ جو امڪان، پي ڊي ايم طرفان هاءِ الرٽ جاري

ڀارت راوي درياءَ ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو آهي. پي ڊي ايم هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ڀارت 1 لک 85 هزار ڪيوسڪ پاڻي اوچ بيراج کان راوي درياءِ ۾ ڇڏيو. رڪارڊ موجب گذريل سال به هندستان 1 لک 73 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو هو.پي ڊي ايم اي موجب 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي جيسر تائين پهتو جنهن سبب ٻوڏ جي هيٺين سطح راوي درياءَ جي گيجنگ پوائنٽ تي ٺهيل هئي.پي ڊي ايم اي موجب تقريبن 65 هزار ڪيوسڪ پاڻي ايندڙ 20 کان 24 ڪلاڪن دوران پهچڻ جو امڪان آهي. جيسر واري هنڌ تي راوي درياءَ مان ايندڙ پاڻي سبب ميداني علائقن ۾ گهٽ ٻوڏ جو امڪان آهي. جڏهن ته راوي سان جڙيل ضلعا هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور الرٽ آهن.پي ڊي ايم اي موجب سمورن ضلعن جي هيٺاهين علائقن ۾ ريليف ڪيمپس جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ريسڪيو، ريليف آپريشن ٽيمون مشيرين سان مڪمل تيار آهن. ٻئي طرف چناب درياءُ ۾ به پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گجرات جي ضلعي انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي آهي.چناب درياءَ ۾ امڪاني ٻوڏ سبب سيالڪوٽ، گجرات، وزير آباد، منڊي بهاءُلدين ۽ حافظ آباد جا علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڪمشنر آفيس ۾ ريجنل ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي.