ڀارت سنڌو درياءَ جو پاڻي روڪڻ لاءِ ماسٽر پلان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

ڀارت گڏيل قومن جي قرارداد جي تحت تڪراري علائقي لداخ ۾ واقع عظيم سنڌو درياءَ جي وهڪرن کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي ماسٽر پلان جي تحت لداخ ۾ 10 نون ميگا هائيڊرو پاور پروجيڪٽس جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي جن ۾ اچنتهنگ، سانجڪ، پارفيلا، سونٽ(باتالڪ) ۽ خلستي شامل آهن. انهن منصوبن جي نه صرف معاهدي جي تحت اجازت ڏني وئي آهي پر ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش جي ڀڃڪڙي به ڪئي پئي وڃي پر پاڪستان ۾ پاڻي جي وهڪرن کي روڪڻ ۽ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان سنگين خدشا به پيدا  ڪن ٿيون. ائين لڳي ٿو ته اهڙن منصوبن جو مقصد سياسچن گليشئر جي برفاني علائقي ۾ مقررفوجين جي لاءِ حرارت ۽ توانائي جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. اها ڳالهه پاڪستان جي مشهور پاڻي جي ماهر ارشاد ايڇ عباسي جي هڪ خط سان سامهون آئي آهي جنهن جو عنوان آهي(هڪ انساني بحران بڻجي رهيو آهي) سنڌو درياءَ جي پاڻي جو معاهدو ۽ ڀارت جي قدمن، بابت اهو خط گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڏانهن اماڻيو ويو آهي.