پهلگام فالس فليگ حملي جو تڪرار ڄاڻائيندي ڀارت جي آبي جارحيت کي سياسي اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن 1960 جي سنڌ طاس معاهدي جي کلم کلا ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته عالمدي معاهدا اهڙي طرح هڪ طرفي طور تي معطل يا ختم نه ٿيندا آهن، سنڌ طاس معاهدو جنگيون ٿيڻ جي باوجود فعال رهيو آهي. اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته ڀارت جيڪڏهن پاڪستان جو پاڻِ روڪي ٿو ته اها عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ جنگ جي برابر هوندو. ڀارت پاڪستان جو يا چين ڀارت جو پاڻي بند ڪري ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. اڳوڻي سفير عبدالباسط چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند نٿو ڪري سگهي، ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن جي وقف قانون خلاف احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ڪا ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. عالمي قانون جي ماهر احمر بلال صوفي چيو ته ڀارت وٽ اهڙي ڪابه طاقت ناهي ته هو سنڌ طاس جي عالمي معاهدي کي هڪ طرفو ختم ڪري ڇڏي، جيڪڏهن ڀارت اهڙو معاهدو معطل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ ڪوبه ٻيو پاڙيسري ملڪ ائين ڪري سگهي ٿو.