ڀارت چناب ۽ راوي کانپوءِ ستلج درياهه ۾ به پاڻي ڇڏي ڏنو.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت هريڪي وٽان 70614 ڪيوسڪ پاڻي ستلج درياهه ۾ ڇڏيو.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته اڄ رات تائين پاڻي قصور ضلعي جي گنڊا سنگهه وٽان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندو.پي ڊي ايم اي هدايت جاري ڪئي آهي ته سمورن ضلعن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪيون وڃن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.پي ڊي ايم اي اها به هدايت ڪئي ته شهري درياهن ۽ ڍنڍن ڀرسان وڃڻ کان پاسو ڪن.هوڏانهن چناب درياهه ۽ ريجن ۾ هندڙ ندي نالن ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي.مرڪزي ڪنٽرول روم موجب هيڊ مراله وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 97 هزار 922 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هڪ لک 81 هزار 872 ڪيوسڪ پاڻي خارج ٿي رهيو آهي.