ڄامشورو: روڊ حادثي ۾ 1 ڄڻو فوت

حيدرآباد کان ڄامشوري ايندڙ موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي واسي 30 ورهين جو نصرالله ولد علي احمد سمون ۽ سندس زال مسمات ناياب سمون زخمي ٿي پيا.جڏهن ته زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو مان طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان نصر الله سمون دم ڌڻي حوالي ڪيو.هوڏانهن فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.