سنڌ انسٽيوٽ ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽ ڄامشورو ۾ سمپا جي شاگردن پاران پنهنجي استاد ۽ سنڌ جي نامياري خوبصورت راڳي استاد خادم حسين سخيراڻي سان رهاڻ رچائي وئي ۽ سندس دستاربندي پڻ ڪئي وئي.
جنهن ۾ سمپا جي ڊائريڪٽر شير محمد مهر، سمپا ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڀائي خان شر، ڊائريڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج طاف محبوب جوکيو، اعزازي مهمان استاد مظهر علي خان، استاد امير علي خان، سعيد سميجو (سمپا ايڊمن) ۽ سمپا جي سمورن شاگردن شاگردياڻين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سمپا جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين توڙي ملازمن پاران استاد فنڪار خادم حسين سخيراڻي کي پڳ ٻڌرائي وئي، اجرڪن، لُنگين ۽ گلن جا تحفا پيش ڪري ساڻس محبت جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي سنڌ جي ڀلوڙ راڳي خادم حسين سخيراڻي پنهنجا ويچار ونڊ ڪندي چيو ته حقيقت ۾ موسيقي ۾ عبادت آهي، موسيقي محبت به آهي ته مريضن جو علاج ۽ شفا به آهي ان کي سمجهيو وڃي ۽ ان سُر سان ڳايو وڃي ته دنيا مان گهڻا مسئلا ختم ٿي سگهن ٿا. موسيقي ۾ امن جو پيغام آهي ڀلي اها ڪهڙي به ٻولي ۽ خطي جي ڇو نه هجي ان ڪري موسيقي کي سرڪاري سطح تي اهميت ڏني وڃي ۽ روح کي وڻندڙ موسيقي کي تبديلي آڻيندڙ امن جو پيغام ڏيندڙ شاعري پيش ڪئي وڃي، جنهن سان انقلاب اچي ۽ ماڻهن ۾ محبت پيدا ٿئي.نالي واري راڳي استاد مظهر خان خان چيو ته دنيا ۾ جڏهن نڪا ڪن فيڪون هئي سنڌ سرن جي سرزمين آهي جتي سُر ٻڌي سر ڏنو ويندو آهي، اسان سُر کي تمام گهڻو ويجهو آهيون، دنيا جي سرن جي سرزمين سنڌ آهي، دنيا ۾ جتي جتي به سٺي موسيقي جا سرجڻهار آهن ۽ جيڪي به موسيقي جا چاهيندڙ آهن، ٻڌندڙ آهن انهن سڀني کي موسيقي جي ڏينهن جي حوالي سان مبارڪباد پيش ڪيون ٿا.چيئرمين سمپا ڪميٽي جي ميمبر ڀائي خان شر چيو ته شاگردن جي محبت ڏسي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ۽ جتي به هي شاگرد پروگرام رکندا آئون ٻيا سڀ ڪم ڪار ڇڏي شاگردن جي پروگرام ۾ شرڪت ڪندس.راڳ وڌيا جي ليکڪ ۽ نوجوان راڳي سعيد سميجو ڳالهائيندي چيو ته خوشي جي ڳالھ اها به آهي ته اڄ سڄيءَ دنيا ۾ 21 جون موسيقي جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. جتي دنيا ۾ موسيقي جي حوالي سان وڏا وڏا پروگرام ڪيا ويندا ان موقعي تي ڄامشورو ۾ سمپا طرفان ننڍو ئي سهي پر وقار پروگرام رٿيو ويو آهي، جنهن ۾ سمپا جو سھڪار هميشه رهندو. استاد خادم سخيراڻي صاحب جون موسيقيءَ لاءِ انيڪ خدمتون آهن، دعا آهي ته ائين ئي سنڌ ۾ سٺا استاد پنهنجي حصي جو ڪم ڪندا رهندا.