لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ خلاف سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. لمس يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي ڊگري ۽ وي سي شپ کي ھاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندڙ لسوا صدر سڪندر علي جوڻيجو خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين خلاف آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي سڏ تي سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمن غلام نبي ڀلائي، غلام مصطفي’ چانڊيو، ذوالفقار علي سھارڻ، رياض ناريجو، ثابت علي ڄامڙو، وحيد ڀلائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سينٽرل لائبريري وٽ احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاهرين لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف سخت نعريبازي ڪندي اختيارين کان سندس جعلي ڊگري جي جاچ ڪرڻ ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ غيرقانوني طور لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور مقرر ٿيو آهي، هو ان عهدي جي اهل ناهي ۽ سندس ڊگري به جعلي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي ڊگري کي ھاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندڙ سڪندر علي جوڻيجو خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ٿي ويون آهن، پهرين سندس گهر جي بجلي ۽ پاڻي بند ڪيو ويو، ان کانپوءِ سندس گهر خالي ڪرائڻ جا نوٽيس جاري ڪرڻ سميت سندس گهر تي هلان ڪرائي گهرڀاتين کي پريشان ڪيو ويو. هنن چيو ته ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پنهنجي ونگاري ملازمن ذريعي پريس ڪانفرنس ڪرائي سڪندر علي جوڻيجو کي بليڪ ميل قرار ڏئي رهيو آهي، جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته سڪندر علي جوڻيجو خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين جو نوٽيس وٺي لمس يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي جعلي ڊگري بابت جاچ ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي.