ڄامشورو ٿاڻي اندر ايس ايڇ او آفيس اندر گولين جو کاڄ بڻيل زخمي عورت سعيدا جتوئي جي ماءُ جو بيان سامھون اچي ويو.ڄامشورو ٿاڻي تي اسان واسينگ جتوئي جو ڪيس داخل ڪرائڻ آياسين تي ايس ايڇ او اسان کي ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائيندو رهيو، رات دير تائين آسرا ڏينيدو رهيو، ايس ايڇ او ڄامشورو چيو ته اسان ڪيس صبح جو داخل ڪنداسين، اسان کيس چيو ته اسان جي دشمني ھلندڙ آھي، اسان کي قتل جون ڌمڪيون ملن ٿيون اسان جو ڪيس داخل ڪيو ته اسان وڃون پر پوليس اسان کي زوري رات ٿاڻي تي ڪمري ۾ سمھاري ھليا ويا. اسان ستا پيا ھئا سين ته اوچتو رات جو اسان مٿان حملو ٿيو اسان مٿان ٻاھران کان آيل ھٿياربندن حملو ڪيو، جنھن ۾ منھنجي ڌي سخت زخمي ٿي پئي آھي، فائرنگ سبب پوليس گم ٿي وئي ھئي. ايس ايڇ او ڄامشورو مظھر نائچ جوابدارن کان رشوت وٺي اسان مٿان ٿاڻي تي حملو ڪرايو آھي، جنهن جو ذميوار ايس ايڇ او ڄامشورو آھي. جيڪو قاتلن جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي. زخمي عورت جي ماءُ سعيدا جتوئي جون صحافين سان ڳالھيون ڪيون.ٻئي طرف شھرين سڄاڻ ڌرين شھري ايڪشن ڪميٽي ڄامشورو پاران پوليس نااهلي سبب ٿاڻي تي حملي ۽ عورتن کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ ۽ تشدد واري واقعي جي مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي پوليس نااهلي جو نوٽيس وٺي ذميوار پوليس اهلڪارن توڙي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري عورتن مٿان ٿاڻي اندر تشدد ۽ گوليون هڻي زخمي ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي پوليس نااهلي غفلت تي انهن کي فوري طور هٽايو وڃي، جيڪي مظلومن ماڻھن کي ٿاڻي ۾ به تحفظ فراهم نٿا ڪري سگهن ۽ جوابدار ڌر کان رشوت وٺي کين عورتن تي تشدد حملو ڪرايو ويو. شھري ايڪشن ڪاميٽي ڄامشورو اڳواڻن پاران واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ متاثر عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.