ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۽ يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه جي گڏيل سهڪار سان سيرة النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنهي يونيورسٽين جا استاد، شاگرد ۽ علمي شخصيتون وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته قرآن پاڪ جي تعليمات امن، اتحاد ۽ مثبت سوچ جي پيغام کي جديد تعليمي موضوعن سان جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته قرآن پاڪ کي ترجمي سان پڙهڻ سان جديد علمي ۽ سماجي قدرن جي بهتر سمجھ حاصل ٿئي ٿي، ۽ زندگي کي سادگي، عاجزي، همدردي ۽ مثبت روئي سان گذارڻ گهرجي ته جيئن هڪ پرامن سماج قائم ڪري سگهجي. صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر علي مراد لنجواڻي سيرة النبي ﷺ تي روشني وجهندي، حضور ﷺ جي همدردي، انصاف ۽ انسانيت جي تعليم تي زور ڏنو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام پيش ڪندي انتهاپسندي جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ نبوي تعليمات اپنائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو. تقريب ۾ شاگردن عقيدت ڀريون نعتون پيش ڪيون ۽ سيبس يونيورسٽي ۽ صوفي يونيورسٽي جا استاد فضل الاهي خان، منظور سولنگي ۽ عطا محمد پڻ خطاب ڪيو. تقريب دعا سان اختتام پذير ٿي ۽ بعد ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ مٺائي ورهائي وئي.