چمن ۾ قيدين جيل جي اهلڪارن تي حملو ڪري ڏنو، سنگين ڪيسن ۾ ملوث 15 کان 20 قيدي اهلڪارن کان هٿيار کسي جيل مان فرار ٿي ويا.پوليس موجب قيدين عيد نماز لاءِ بيرڪ مان نڪرندي جيل اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ اهلڪارن کان هٿيار کسي فرار ٿي ويا.بيرڪ انچارج ٻڌايو ته بيرڪ نمبر 4 ۾ 302 ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار قيد هئا، بيرڪ نمبر 4 جي قيدين کي نماز پڙهڻ لاءِ ڪڍيو ته سڀني گڏجي حملو ڪري ڏنو.جيل اختيارين موجب مک گيٽ ٻاهران بيٺل اهلڪار کان ڪلاشنڪوف کسي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ سان هڪ جيل اهلڪار زخمي به ٿيو.