چولستان ڪينال سنڌ لاءِ ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي: اياز لطيف پليجو

 قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته چولستان ڪينال سنڌ جي لاءِ ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ  گڏجي سنڌ کي تباهه ڪري رهيا آهن. سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ جي منصوبي خلاف قومي عوامي تحريڪ سميت ٻين تنظيمن طرفان احتجاج ريليون ڪڍيون ويون. ڪوٽ غلام محمد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته چولستان ڪينال سنڌ جي لاءِ ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ گڏجي سنڌ کي تباهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياءَ تي حملو ڪندڙن سان گڏ آهي، سنڌو درياءَ تي ڪينال ڪڍڻ جو ڪوبه منصوبو قبول نه ڪيو ويندو. انهي کان علاوه عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان به ڪي اين شاهه ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڪينال منصوبي جي خلاف ميهڙ بار ايسوسيئيشن نائين ڏينهن به احتجاج ڪيو جڏهن ته جسقم جي ڪارڪنن مورو جي ڀرسان قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو.