چوماسي جون برساتون: هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي

ملڪ: ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري آهي. 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 9 ڄڻا فوت جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا. 25 جون کان هينئر تائين سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب فوتين جو انگ وڌي 76 تائين پهچي ويو آهي.اين ڊي ايم اي موجب گذريل 15 ڏينهن دوران برساتن سبب فوت ٿي ويلن ۾ 31 ٻار، 30 مرد ۽ 15 عورتون شامل آهن سڀني کان وڌيڪ 48 فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون.برساتن ڪي پي ڪي ۾ 20، بلوچستان ۾ پنج ۽ آزاد ڪشمير ۾ 3 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، برساتن سبب زخمي 133 ڄڻن ۾ 49 مرد، 38 عورتون ۽ 48 ٻار شامل آهن.موسميات کاتي برساتن سبب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. رات دير تائين نمائش، ايم اي جناح روڊ، گرو مندر، سپر هاءِ وي، نارٿ ناظم آباد، سرجاني ٽائون ۽ نارٿ ڪراچي ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو.موسميات کاتي موجب اڄ حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر، مٺي، پڊعيدن، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.