چونڊن تي صدارتي آفيس جي مشاورت جو حصو نٿا بڻجي سگهون: اليڪشن ڪميشن ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي چونڊن جي معاملي تي صدارتي آفيس جي مشاورتي عمل جو حصو بنجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن ٻن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي معاملي تي صدارتي آفيس جي مشاورتي عمل جو حصو نٿو بڻجي سگهي. ان ڪري اليڪشن ڪميشن اختياريون ايوان صدر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿينديون.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊن جو معاملو مختلف عدالتي فورمز تي ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ ادارو 19 فيبروري تي صدر پاڪستان کي جواب ڏئي چڪو آهي ان ڪري اليڪشن ڪميشن جو اڃان به ساڳيو ئي 19 فيبروري جو موقف آهي.ياد رهي ته صدر عارف علوي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي هنگامي مشاورت جي لاءِ ايوان صدر گهرايو جنهن کي اليڪشن ڪميشن رد ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن صدر کي ڏنل جوابي خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري کان آگاهه آهي. خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي گورنرز اڃان تائين عام چونڊن جي تاريخ ناهي ڏني. پنجاب جي گورنر چيو ته هو هن معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت قانوني رستو اختيار ڪندو.