چوڌري انوارالحق بنا مقابلي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجي ويو

مظفرآباد: آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ لاءِ مظفرآباد جي قانونساز اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ انوارالحق آزاد ڪشمير جو 15هون وزيراعظم چونڊجي ويو.اسيمبلي جي سيڪريٽري موجب نئين چونڊيل آزاد ڪشمير جي مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا.سيڪريٽري موجب بنا مقابلي چونڊجڻ باوجود قائدن موجب پولنگ جو عمل ٿيندو. 52 جي ايوان ۾ انوارالحق کي 48 ووٽ مليا.ياد رهي ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي توهين عدالت جي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي هئي، عدالت سردار تنوير الياس کي ڪنهن به عوامي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو.