چوڌري شجاعت حسين جي گذريل ڏينهن پرويز الاهي سان ملاقات کان پوءِ ملڪ جي گادي واري شهر ۾ اهم ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.رپورٽ موجب مسلم ليگ(ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سياسي گرمي پد گهٽ ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي ويو آهي هن اسلام آباد ۾ سياسي پارٽين جي سربراهن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سينئر صحافين سميت حڪومتي شخصيتن سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن.ياد رهي ته چوڌري شجاعت حسين جي ڪافي وقت کان پوءِ گذريل ڏينهن لاهور ۾ پرويز الاهي سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏنا ۽ ذاتي خانداني سطح جي معاملن کي گڏجي طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.پرويز الاهي جي ملاقات کان پوءِ چوڌري شجاعت حسين سان وفاقي راڄڌاني ۾ اڳوڻي صدر وسيم سجاد، مشاهد حسين، سيد محمد علي دراني سميت پارليامينٽ ميمبرن ملاقاتون ڪيون آهن. ٻئي پاسي چوڌري شجاعت حسين سينئر صحافي عامر الياس رانا جي والده ۽ محسن بيگ جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني به ڪئي.اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري وجاهت حسين، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، پارٽي ترجمان مصطفيٰ ملڪ به ملاقاتن ۾ موجود هو. ان دوران ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. چوڌري شجاعت حسين چيو ته سياستدان ذاتي مفادن ۽ حسد کي ختم ڪري قومي مفادن کي اوليت ڏين، قومي اڳواڻن کي سياسي ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. پارليامينٽ ميمبرن تي به ذميواري هوندي آهي ته هو مسئلن کان نڪرڻ جي لاءِ قومي ايجنڊا ترتيب ڏين.