چوھڙجمالي ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر 2 نوجوان فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا ـ چوھڙجمالي ڀرسان قادر ڏنو شاھ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿيڻ سبب 4 ڄڻا شوڪت اوٺو . اڪبر اوٺو . زبير ٻارڻ . غلام فريد ٻارڻ شديد زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاء رورل ھيلٿ سينٽر چوھڙجمالي آندو ويو آھي ـ حادثي دوران 20 ورهين جو نوجوان اڪبر ولد جمن اوٺو زخمن جا سور نه سھندي چوھڙجمالي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٽن زخمين کي وڌيڪ علاج لاء ٺٽو اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي وڌيڪ ھڪ ڄڻو 22 ورهين جو زبير ولد سومار اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي فوتي قادر ڏنو شاھ جا رھواسي ھيا نوجوانن جا لاش گھر پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو ـ فوتي نوجوان اڪبر اوٺو جي تدفين سندس ڳوٺ مولوي محمد شريف اوٺو ۽ فوتي زبير ٻارڻ جي تدفين سندس ڳوٺ عالي ٻارڻ ۾ ڪئي وئي.