چيئرمين پبلڪ اڪاونٽس ڪميٽي جنيد اڪبر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جنيد اڪبر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. جنيد اڪبر پنهنجي استعيفيٰ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته اهو عهدو پارٽي جي امانت هو. پارٽي قيادت جي هدايت تي پنهنجي استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هن چيو ته منهنجي لاءِ عهدو ڪابه اهميت نٿو رکي، پارٽي اڳواڻ جو حڪم ٿيو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو، باقي پي ٽي آءِ جيڪو فيصلو ڪندي اهو قبول ڪندس. ذريعن ٻڌايو آهي ته جڏهن عليمه خان پنهنجي ڀاءُ  عمران خان سان ملاقات ڪئي ته عمران خان طرفان پهريون حڪم اهوئي هو ته جنيد اڪبر کي هدايت ڏني وڃي ته اهو استعيفيٰ ڏئي ۽ صوبي تي ڌيان ڏئي ٻيو حڪم اهو هو ته عمر ايوب کي پي اي سي جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي.