ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته چين توانائي جي شعبي ۾ اربين ڊالر جي سرمائيڪاري ڪري رهيو آهي ۽ چيني آءِ پي پيز پاڪستان ۾ وڏا سرمائيڪار آهن، چين جي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري تعريف جوڳي آهي.اسلام آباد ۾ چائنه چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته چين جي ترقي دنيا جي لاءِ مثال آهي ۽ اسان سي پيڪ فيز ٽو کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت مثبت رستي طرف گامزن آهي ۽ جلد معاشي استحڪام ايندو.هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي ڪرنسي ۾ استحڪام آيو آهي، پاڪستان جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي. اسان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري تعريف جوڳي آهي.تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي نسلن کان اڳيان منتقل ٿي رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جو هڪ ٻئي سان جذباتي لڳاءُ آهي، چين هر سٺي خراب وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.هن چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي ويجهڙائي ۽ مثالي دوستي جو ثبوت آهي، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جو ئي نه پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو آهي، سي پيڪ جي تحت توانائي جا منصوبا لڳايا ويا، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ منصوبن سان توانائي جا مسئلا ختم ٿيا.وفاقي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معاشي بهتري ۾ چين جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري تعريف جوڳي آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪري رهيا آهن.