چيني وزيراعظم وفد سميت پاڪستان پهچي ويو، پرجوش استقبال

چيني وزيراعظم لي ڪيانگ اڄ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي، 11 سالن دوران ڪنهن به چيني وزيراعظم جو هي پهريون دورو آهي جنهن جو مقصد تبديل ٿيندڙ جغرافيائي سياسي صورتحال ۽ چيني صدر زي جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي کي پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻطرفي تعاون کي نئين تحريڪ ڏيڻ آهي.رپورٽ موجب چيني وزيراعظم لي ڪيانگ وفد سان گڏ ايئر چائنا جي جهاز ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو جتي ان جو پرجوش استقبال ڪيو ويو.چيني وزيراعظم جو اهو دورو انهي وقت خطري ۾ پوندي نظر آيو جڏهن 6 آڪٽوبر تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي جي ٻاهران دهشتگردن چيني قافلي تي حملو ڪيو جنهن ۾ 2 چيني انجنيئرز مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو هو پر حملي جي باوجود چين پنهنجي وزيراعظم کي اسلام آباد اماڻڻ جو فيصلو ڪيو. سفارتي ذريعن موجب اهو قدم انهن طاقتن لاءِ پيغام آهي جيڪي سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب چيني وزيراعظم لي ڪيانگ وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي. چيني وزيراعظم 17 آڪٽوبر تائين پاڪستان ۾ ترسندو جنهن سان گڏ واپار، پرڏيهي پاليسي، قومي ترقي ۽ اصلاحاتي ڪميشن  جا وزير به هوندا. وفد ۾ چائنه انٽرنيشنل ڊوالپمينٽ ڪارپوريشن ايجنسي ۽ ٻيون سينئر اختياريون به شامل هونديون.لي ڪيانگ ۽ شهباز  شريف جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي سي پيڪ معاشي تعاون ۽ ٻطرفي واپار تي به ڳالهيون ٿينديون. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. چين جو وزيراعظم صدر آصف علي زرداري، پارلياماني اڳواڻن ۽ سينئر عسڪري قيادت سان به ملاقاتون ڪندو لي ڪيانگ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو.اختيارين موجب دوري جو ايجنڊا وڏو آهي جنهن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي شروع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. پاور سيڪٽر جي قرضن جو ٻيهر جائزو به پاڪستان جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. ذريعن موجب انهي دوري جي دوران ڪنهن به وڏي اڳڀرائي جو امڪان آهي، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي ايجنڊا ۾ سرفهرست رهندي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تازي دهشتگردي کي نظر ۾ رکندي چين گڏيل سيڪيورٽي ڪمپني جي تجويز ڏئي سگهي ٿو.