تفصيل موجب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اونهاري جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد اڄ کان تعليمي ادارا ٻيهر کلي ويا آهن ۽ تعليمي عمل جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي ٻن مهينن جي موڪلن کان پوءِ اڄ کان باقاعده ڪلاسن شروع ٿي ويون آهن، پر سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري جو تناسب گهٽ آهي ٻئي طرف، گهڻا نجي (پرائيويٽ) اسڪول 4 آگسٽ کان ڪلاسن جي شروعات ڪندا ڪراچي ۾ سرڪاري ڪاليجن ۾ انٽر سال ٻيون جي ڪلاسن جو آغاز اڄ کان ٿي ويو آهي، جڏهن ته انٽر سال اول جي ڪلاسن جو آغاز 4 آگسٽ کان ٿيندو رڪاري ڪاليجن ۾ به شاگردن جي حاضري گهٽ ڏسڻ ۾ آئي آهي ان کان سواءِ، حيدرآباد ۾ به اونهاري جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد اسڪول ته کلي ويا آهن، پر حاضري تقريبن ناهي استاد موجود آهن، پر شاگرد نه هجڻ جي برابر آهن.