ــ سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ جي باني ۽ سي اي او ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو کي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ۽ مالديپ جي اڳوڻي صدر محمد وحيد حسين کان عالمي سطح جو اعزاز ’’گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ ـ گيفا 2025‘‘ ڏنو ويو. ڪالالمپور ۾ منعقد ٿيل هڪ شاندار تقريب دوران سافڪو جي اسلامي ۽ شرعي اصولن مطابق مهيا ڪيل مالياتي خدمتن کي ساراهيندي، ان کي 2025ع جو بهترين اڀرندڙ مالياتي ادارو قرار ڏنو ويو. سافڪو طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هي اعزاز پاڪستان ۾ رهندڙ پٺتي پيل آبادي کي جامع، شريعت مطابق ۽ اخلاقي مالياتي سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو خطاب ڪندي چيو: ’’اسان لاءِ ’گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ 2025‘ ملڻ انتهائي وڏو اعزاز آهي. هي رڳو سافڪو لاءِ نه پر انهن سڀني ماڻهن لاءِ آهي جيڪي اسان جي خدمتن مان فائدو وٺن ٿا. اسان جو مقصد آهي ته مالي سهولتون ماڻهن کي بااختيار بڻائين ۽ سماج ۾ ايمانداري، برابري ۽ شفافيت کي هٿي ڏين.‘‘ هن وڌيڪ چيو ته هي ڪاميابي سافڪو جي ان عزم کي مضبوط بڻائي ٿي ته جديد ۽ پائيدار مالي ڍانچن ذريعي پاڪستان ۾ خوشحال معاشري جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪجي. ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو وضاحت ڪئي ته سافڪو پاڪستان جو پهريون غير بئنڪاري مالياتي ادارو (NBFC) آهي جنهن اسلامي مالياتي سهولتون متعارف ڪرايون آهن. هي ادارو مالي شموليت، جدتن ۽ روايتن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته: ’’اسان جو خواب آهي ته سموري پاڪستان ۾ ماڻهن لاءِ روشن ۽ ڀرپور مستقبل جو بنياد رکجي. هي اعزاز سافڪو جي سموري ٽيم، اسان جي صارفن ۽ انهن سڀني لاءِ آهي جن جي اعتماد ۽ سهڪار سان هي ڪاميابي ممڪن بڻجي.‘‘ تقريب ۾ ملائيشيا جي اعليٰ عملدارن سان گڏ مختلف ملڪن جي مالياتي ادارن جي سربراهن ۽ اهم عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.