ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل ڏوهاري عمل آهي، واقعي خلاف سڀاڻي ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو

جسم چيئرمين رياض چانڊيو ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل ڏوهاري  عمل آهي. اهڙي واقعي خلاف سڀاڻي ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو. رپورٽ موجب ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۽ سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ وڌنڌڙ انتها پسندي واري مسئلي  تي 12 آڪٽوبر ڏينهن جو 3 وڳي قوم پرستن ۽ سُڄاڻ ڌرين جي قومي ويهڪ حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين  رياض علي چانڊيو جي رهائشگاهه سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي رکي وئي آھي جسم سربراهه رياض علي چانڊيو ويهڪ  ۾ شرڪت لاءَ ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد زين شاھ، صنعان قريشي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زنئور اسلم خيرپوري مشتاق ميراڻي بدر چنا ظفر جوڻيجو اسماعيل وساڻ پرو فيسر بدر سومرو ۽ جامي چانڊيو کي پڻ دعوتون ڏنيون ويون.انهي سلسلي ۾ جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي رهائشگاهه تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ۽ لاش جي بي حرمتي ڪندڙن خلاف سنڌ قومپرست پارٽين، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن ۽ ٻين ڪارڪنن طرفان رياض علي چانڊيو جي رهائشگاهه تي هڪ اهم اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان، اسلم خيرپوري، مشتگاق ميراڻي، بدرچنا ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي رياض علي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جيڪڏهن توهين رسالت ڪئي هئي ته انهي جي جاچ ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻو هو پر پوليس جي اعليٰ  آفيسرن جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل هڪ ڏوهاري عمل آهي جنهن جي فوري طور تي جاچ ڪئي وڃي. جڏهن ته ايڇ آر سي پي جي فيڪٽ فائڊنگ رپورٽ موجب ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل ايڪسٽرا جوڊيشل قتل قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ پوليس قانون جو مذاق اڏائي رهي آهي روز ڪيترن ئي بي گناهن کي هاف ۽ فُل فراءِ ڪيو پيو وڃي.ڊاڪٽر رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ پوليس جي داداگيري ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سڀاڻي ڪراچي ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته پ پ حڪومت طرفان ٽي ايل پي کي به اسان جي مقرر ڪيل جڳهه تي احتجاج جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن سبب ٽڪراءُ جو خطرو وڌي ويندو. صحافين سان ڳالهيون ڪندي قومپرست اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ بهتر قانونسازي ڪئي وڃي.