سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ميرپور خاص بينچ ڊاڪٽر شاهنواز کي جعلي مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس ۾ معطل ڊي آءِ جي ۽ 2 ايس ايس پيز جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، وڪيل علي پلهه، اصغر ناريجو ۽ ٻين پاران واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي.معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ واري استدعا تي عدالت مقتول جي وارثن ۽ واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي 7 آڪٽوبر تائين ملتوي.وڪيل علي پلهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت 7 آڪٽوبر تي مقتول جي وارثن ۽ ٻين ڌرين جو موقف معلوم ڪندي.