تفصيل موجب ميرپورخاص جي هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾ ڊاڪٽر شاهه نواز قتل ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امجد برفت ۽ جسٽس خادم حسين ڪئي.ڊي آءِ جي نواب شاهه ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.هاءِ ڪورٽ ۾ شاهه نواز ڪيس جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي، عدالت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي گرفتار نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هيومن رائيٽس ڪميشن جاچ جي نگراني ڪندي.ياد رهي ته سنڌ جي گهرو کاتي ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، گهرو وزير جي هدايت تي سنڌ جي گهرو کاتي رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو هو.سنڌ جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته پوليس انڪوائري ۾ ڊاڪٽر کي جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو، ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جوڊيشل ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج کان جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.واضح رهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪمار جي قبر ڪهڻ کانپوءِ پوسٽ مارٽم جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو، چيف پوليس سرجن ڊاڪٽر وسيم جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ پوسٽ مارٽم ڪيو.ڊاڪٽر وسيم جو چوڻ هو ته حاصل ڪيل حصا ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويندا، هڪ مهيني ۾ رپورٽ لاڳاپيل اختيارين کي ڏني ويندي.