ڊيره اسماعيل خان ۾ ٻوڏ سبب ڪچي جا رهواسي بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن خيرپختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڪچي جي علائقي ۾ رهندڙ ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ سبب بي گهر ٿي ويا. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل متاثرين بهکر روڊ، ڊيرا دريا خان پل ۽ ٻين محفوظ هنڌن تي کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته 200 خاندانن کي عام واهپي جون شيون ڏئي چڪا آهيون، ٻين متاثرين لاءِ سروي ڪئي پئي وڃي انهي کان علاوه ميانوالي جي مختلف علائقن ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪپهه جي فصل به خراب ٿي وئي آهي. حافظ آباد ۾ ٻوڏ سبب ضلعي جا 140 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، فصلون تباهه جڏهن ته چوپائي مال کي چارو وجهڻ ۾ به پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ٻئي طرف سنڌو درياهه ۾ تونسه بيراج جي هنڌ تي وچولي ٻوڏ آهي جڏهن ته سنڌو درياءَ ۾ تربيلا، ڪالاباغ، چشمه، گڊو ۽ سکر بيراج تي وچولي ٻوڏ آهي. فلڊ ڪنٽرول روم موجب سنڌو درياءَ جي ڪچي واري علائقن مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري آهي. سنڌو درياءَ جي رستن تي پوکيل فصلن کي نقصان پهتو آهي. ٻوڏ وارن علائقن ۾ رليف ڪيمپ قائم آهي.