ڊيم فنڊ جي رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم

تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ديامر ڀاشا مهمند ڊيم فنڊ ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تي ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ جي رقم حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڊيم فنڊ جي رقم وفاقي حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ فنڊ لاءِ قائم ڪيل پنهنجو ئي اڪائونٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته فنڊ جي منتقلي لاءِ حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ جو ذيلي اڪائونٽ کوليو وڃي. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن به ڊيمن جي اڏاوت لاءِ رقم گهربل هجي ته لاڳاپيل کاتي مان استعمال ڪري سگهجي، ڪيس ۾ داخل سموريون درخواستون اڪلايون وڃن.