ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان گڊو بئراج پهچي امڪاني ٻوڏ ۽ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو .

ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور جي صدارت هيٺ گڊو بئراج تي امڪاني ٻوڏ ۽ پاڻي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف انجنيئر گڊو بئراج، ايڪسيئن گڊو بئراج، ايڪسيئن پٽ فيڊر، بيگاري فيڊر اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور ۽ اي ايس پي ڪشمور رينجرز عملدارن ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف انجنيئر گڊو بئراج سيد سردار شاھ پاران ڊپٽي ڪمشنر کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت صورتحال ڪنٽرول ۾ آھي هن وقت پاڻي 03 لک 92 هزار هلي رهيو آهي جنهن ۾ ڪجه اظافو ٿي سگهي ٿو ۔ بندن صورتحال مظبوط آهي. هن وقت صورتحال بهتر ۽ ڪنٽرول ۾ آھي. بندن تي ايريگيشن کاتي جون چوڪيون پڻ قائم ڪيون ويون آهن ۽ نگراني جو عمل جاري آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور هن چيو ته بندن جي اندر موجود ماڻهن کي هر ممڪن سهولت مهيا ڪري ڏني ويندي. ايريگيشن عملدار بندن جي چاڪس نگراني ڪن ۽ وقت سر ايريگيشن آفيس گڊو بئراج ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس اندر ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيا وڃن.