ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي بجلي 23 ڪلاڪن کان پوءِ به بحال نه ٿي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر

ڪراچي جي اهم ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي ڊگهي بندش سبب شهر کي پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿي وئي آهي. واٽر ڪارپوريشن موجب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي ٿرڊ فيز ۾ گذريل رات تقريباً 11 وڳي بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو هو، پر 23 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي.واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي بند ٿيڻ جو سبب ڪيبل فالٽ ٻڌايو ويو آهي. بجلي جي ڊگهي بندش سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيش ا ٻه پمپ عارضي طور بند ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي.حڪام موجب ٻه پمپ بند ٿيڻ سبب شهر کي تقريباً 42 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. پاڻي جي کوٽ سبب لانڍي، ڪورنگي، شاهه فيصل، ڊفينس، ڊي ايڇ اي، قيوم آباد، پي اي ايف بيس فيصل ۽ ڪارسا‌ز سميت ڪيترن ئي علائقن جا شهري متاثر ٿي رهيا آهن.ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ جي حوالي سان انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي، تنهن ڪري بجلي جي ڊگهي بندش سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي.واٽر ڪارپوريشن موجب بجلي بحال ٿيڻ کان پوءِ پمپنگ اسٽيشن جا متاثر ٿيل پمپ ٻيهر فعال ڪيا ويندا، جنهن کان پوءِ پاڻي جي فراهمي معمول تي اچڻ جي اميد آهي. شهرين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جو فالٽ جلد کان جلد ختم ڪري پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي.