ڏهرڪي: سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام مهتاب ڏهر جي گاڏي تي فائرنگ، سيڪيورٽي گارڊ ۽ ڊرائيور مارجي ويا

ضلعي گهوٽڪي جي علائقي ڏهرڪي ڀرسان سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام مهتاب ڏهر جي قافلي تي نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، فائرنگ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي گارڊ ۽ ڊرائيور مارجي ويا، جڏهن ته 2 گارڊ سخت زخمي ٿي پيا آهن. صوبائي اسيمبلي ميمبر ڄام مهتاب تي ڏهرڪي  نرلي پل جي هنڌ تي هٿياربندن حملو ڪيو انهي دوران ڄام مهتاب حسين جو هڪ گارڊ ۽ ڊرائيور مارجي ويا، جڏهن ته 2 گارڊ سخت زخمي ٿي پيا، حملي دوران ڄام مهتاب حسين محفوظ رهيو پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب مارجي ويل گارڊ جي لاش ۽ زخمين کي ڏهرڪي اسپتال پهچايو ويو آهي جتي زخمين کي شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي. ڄام هائوس جي ترجمان موجب ڄام مهتاب حسين ڏهر پنهنجي زرعي زمينن تي ويل هو جتي حملو ڪيو ويو. جڏهن ته ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر جو چوڻ آهي ته اسان جي گاڏين تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، 3 کان 4 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، پوليس کي طلب ڪيو ويو آهي منهنجي مٿان حملو اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر شهريار شر ڪرايو آهي اسان شهريار شر کان انهي حملو جو پلاند وٺنداسين. ٻئي طرف گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ايس ايس پي گهوٽڪي کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آندي وڃي.