نواحي علائقي مائي رابو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ دوران پاڪستان جو انٽرنيشنل ڪبڊي رانديگر ناصر پهلوان فوت ٿي ويو. تفصيل موجب ناصر پهلوان حويلي لکا کان پنهنجي گهر واپس پئي اچي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربند ڏوهارين سندس گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي ڏوهارين سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاهور اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو پر رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس مطابق ناصر پهلوان ٽي ٻارن جو پيءُ هو. سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.