کنڀڙا شهر جي رهواسين جو کنڀڙا پوليس جي مبينا ذيادتين خلاف احتجاج ڪندڙن ۾

کنڀڙا شهر جي رهواسين جو کنڀڙا پوليس جي مبينا ذيادتين خلاف احتجاج ڪندڙن ۾ نوجوان جي ڀا۽ ساجد ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هفتو اڳ منهنجي ڀا۽ خادم حسين ولد غلام نبي ڀٽي کي مريدشاخ شهر مان دوڪان تان ڏينھن ڏٺي جو کنڀڙا پوليس کنڀي کڻي ويئي هئي جنهن کي هن وقت تائين پوليس ظاهر نٿي ڪري اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي اسان جي نوجوان کي پوليس ڪوڙو مقابلوڄاڻائي هاف فرائي يه فل فرائي نه ڪري ڇڏي هنن جو وڌيڪ چوڻ هيوته نوجوان مريدشاخ شهر ۾ لوهارڪو ڪم ڪندي جيڪو پنهنجي گهر جو گاڏو هلائيندو آهي ڳوٺاڻن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر سميت ايس ايس پي گهوٽڪي کان گهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي نوجوان تي ڪو ڪيس داخل آهي ته ان کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ اسان مان بچئني ختم ڪئي وڃي