ڊرٻ ميهر شاهه ۾ اڄڻ ۽ ڪليري برادري جي پراڻي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ ۾ ھڪ واٽھڙو سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا. جهيڙي دوران مارجي ويلن جي سڃاڻپ سجاد ڪليري، واٽھڙو گدا حسين بڙدي، اڄڻ برادري مان اسلم ولد انور اڄڻ طور ٿي آھي جڏھن ته ڪليري برادري جا ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين جي سڃاڻپ اظھار عرف ڪالو ڪليري، غلام مرتضي ڪليري طور ٿي آھي. ھوڏانھن اڄڻ برادري جا ٽي ڄڻا زخميءَ ٿي پيا زخمين جي سڃاڻپ احسان اڄڻ، علي اڄڻ، ھڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي جڏھن ته اجڻ برادريءَ جو مارجي ويل ڳوٺ غلام اڄڻ جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي ھوڏانھن ڪليري برادري جو مارجي ويل ڳوٺ ڪليري جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي جڏھن ته مارجي ويل واٽھڙو ڳوٺ ھچاري بڙدي جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي. ڪليري برادري جي ماڻھن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڄڻ ۽ ڪليري ٻنھي ڌرين ۾ فيصلو ٿيل ھو اڄ ڪليري برادري جا ماڻھون خيرپور ڪورٽ حاضري تي وڃي رھيا ھئا ته ڊرٻ ميهر شاهه ۾ واقعو پيش آيو آھي ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي، پوليس زخمين ۽ فوتين کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي.