تفصيل موجب، رحيم يار خان جي شيخاڻي پوليس چوڪي تي ڏوهارين حملو ڪيو، جنهن ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ماهي چوك جي ويجهو ٿيل حملي دوران راڪيٽ به فائر ڪيو ويو پوليس ترجمان موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويوشهيد ٿيل اهلڪارن ۾ محمد عرفان، محمد سليم، محمد خليل، ڪانسٽيبل نخيل ۽ غضنفر عباس شامل آهن پوليس جو چوڻ آهي ته حملو ڪرڻ بعد فرار ٿيندڙ ڏوهارين جو تعاقب جاري آهي، ۽ انهن جي خلاف ڳرا هٿيار ۽ بکتر بند گاڏيون استعمال ڪيون پيون وڃن پوليس ترجمان ٻڌايو ته ٻه درجن کان وڌيڪ ڏوهارين پوليس چوڪي تي حملو ڪيو ٻئي طرف، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او بهاولپور کان رپورٽ طلب ڪئي آهي هن ڊي پي او رحيم يار خان کي ڏوهارين جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو، ۽ شهيد ايليٽ فورس اهلڪارن جي عظمت کي ڀيٽا پيش ڪئي آءِ جي پنجاب جو چوڻ هو ته: “ڏوهارين رات دير سان لڪجي بزدلانه حملو ڪيو، پنجاب پوليس جو حوصلو بلند آهي، دشمن جون بزدلاڻيون حرڪتون اسان جو مورال گهٽائي نه ٿيون سگهن. ڪچي جي ڏوهارين خلاف آپريشن مڪمل طاقت سان جاري رهندو پوليس ترجمان ٻڌايو ته شهيد عرفان، سليم، نخيل جو واسطو بهاولنگر سان هو، جڏهن ته خليل ۽ غضنفر جو تعلق رحيم يار خان سان آهي.