ڪئنالن جو معاملو: سنڌ بار ڪونسل طرفان سموري صوبي جي عدالتن ۾ هڙتال، ڪارونهوار ٺپ

سنڌ بار ڪونسل طرفان تڪراري ڪئنالن جي خلاف سموري صوبي جي عدالتن ۾ هڙتال جاري آهي. وڪيلن طرفان سنڌ  هاءِ ڪورٽ جي مرڪزي عمارت جا دروازا بند ڪيا ويا، سائلين سميت سرڪاري عملي کي عدالتن  ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو جڏهن ته سٽي ڪورٽ جا مرڪزي دروازا به بند ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ٻٻرلو باءِ پاس سکر ۾ وڪيلن جو ڌرڻو ستين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. ياد رهي ته پنجاب ۾ ڪئنالن جي تڪرار تي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سميت ٻيون پارٽيون گذريل ڪيترن ڏينهن کان سراپا احتجاج آهن. سياسي پارٽين جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ جو پاڻي گهٽ ٿي ويندو، جڏهن ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته ڪئنالن جي معاملي کي تڪراري بنايو پيو وڃي. ارسا ايڪٽ موجود آهي انهي جي موجودگي ۾ ڪوبه صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي.