ڪابينه جو اجلاس ملتوي: آئيني ترميم اڄ به قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيش نه ڪرڻ جو امڪان

آئيني ترميم جي اڄ ڪابينه مان منظوري غير يقيني ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري قومي اسيمبلي اجلاس ۾ به اڄ آئيني ترميم پيش نه ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ به اڃان تائين طلب نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آئيني ترميم بابت خصوصي ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ کان پوءِ ئي ڪو حتمي فيصلو ڪيو ويندو. جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش آهي ته آئيني ترميم تي گڏيل فيصلو ڪيو وڃي.ذريعن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن پارٽين وچ ۾ آئيني ترميم تي ڊيڊ لاڪ اڃان تائين برقرار آهي. آئيني ترميم تي اتفاق راءِ کان پوءِ ئي مسودو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.موجوده صورتحال ۾ مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف وفاقي راڄڌاني اسلام آباد کان لاهور جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ حمزه شهباز به لاهور روانو ٿي ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته خصوصي ڪميٽي ۾ جڏهن فيصلو ٿي ويندو ۽ مولانا فضل الرحمان راضي ٿي ويندو تڏهن ئي اهو بل وفاقي ڪابينه ۾ پيش ٿيندو ۽ پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته آئيني ترميمي بل اڄ به قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيش نه ڪرڻ جو امڪان آهي. قومي اسيمبلي اجلاس جو 3 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عطائي شهريت ترميمي بل 2024ع به شامل آهي. قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ بل پيش ڪندو. ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري ٻنهي ايوانن سان گڏيل خطاب تي اظهار تشڪر جي تحريڪ به ايجنڊا ۾ شامل آهي.