ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، شهرين کي مشڪلاتون

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. رپورٽن موجب منگھوپير، سائٽ ايريا، ميٽروول، ناظم آباد، نارتھ ڪراچي، نيو ڪراچي، سرجاني ٽائون ۽ ناگن چورنگي ۾ برسات رڪارڊ ٿي آهي. ان کان علاوه سخي حسن، حيدري، نارتھ ناظم آباد ۽ ويجهن علائقن، صدر، عبدالله هارون روڊ ۽ ريگل چوڪ تي به برسات وسائي آهي. ساڳي ريت ڪورنگي، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني ۽ ملير ۾ به برسات جو سلسلو جاري رهيو. شهر جي ٻين علائقن ۾ به برسات ٿي، جن ۾ شارع فيصل، نرسري، ڪار ساز، اسڪيم 33، گلشن معمار، فيڊرل بي ايريا، عزيز آباد، ڊفينس، ڪلفٽن، قيوم آباد ۽ اختر ڪالوني شامل آهن. ان سلسلي ۾ ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ ڏينهن ۾ شديد برسات جا امڪان نه هئا، تنهن ڪري موڪل جو اعلان نه ڪيو ويو. جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ماهرن جي صلاح سان تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ موڪل ڏني ويندي. مرتضىٰ وهاب ٻڌايو ته گذريل ڏينهن چنڊ گرهڻ هو، ۽ ماهرن مطابق هاءِ ٽائيڊ سبب سمنڊ جو دٻاءُ وڌي ٿو جنهن ڪري پاڻي ٻاهر ڌڪجي ٿو، ان ڪري نهر خيام ۾ پاڻي جي وهڪري جي رخ ۾ تبديلي ڏٺي وئي. سندس چوڻ هو ته انتظاميا متحرڪ آهي، هي اهو وقت ناهي جو ڪو ڪي في ۾ ويهي چانهه ۽ پڪوڙا کائي. صبح جو حالتون ڏسيون ويون ۽ نالا صاف مليا. ميئر وڌيڪ چيو ته شمالي علائقن مان ايندڙ پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جيڪو انتظاميا لاءِ وڏو چئلينج آهي، پر انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.