ڪراچي:سمنڊ ۾ وهنجڻ تي قلم 144 لاڳو

 ڪراچي ۾ عيد جي موڪلن دوران سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. عيد تي سمنڊ ۾ وهنجڻ جي تياري ڪندڙ ماڻهن جي مزو خراب ٿي ويو آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي قلم 144 تحت پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. سمنڊ ۾ چاڙهه سبب اڄ کان 13 جون تائين وهنجڻ تي پابندي هوندي، نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.