ڪراچي جا شهري مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور، 20 ڪلو جو ٿيلهو 1800 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو

ملڪ ۾ ڪراچي جا شهري مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪراچي شهر ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1800 روپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي شماريات کاري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ جي ٻين وڏن شهرن جي مقابلي ۾ ڪراچي ۾ 20 ڪلو 440 روپين تائين مهانگو ملي رهيو آهي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ اٽي جو ٿيلهو لاهور جي مقابلي ۾ 420 روپيه ۽ پشاور جي مقابلي ۾ 300 روپين تائين مهانگو ملي رهيو آهي. اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪوئٽه جي مقابلي ۾ ڪراچي ۾ اٽو 200 روپين تائين مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي شماريات کاتي جي رپورٽ موجب سکر جي مقابلي ۾ ڪراچي ۾ اٽو جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 440 روپين تائين مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1600 روپين تائين آهي لاهور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1380 روپيه، فيصل آباد ۽ گوجرانواله ۾ 1400 روپيه، سيالڪوٽ ۾ 1427 روپيه، سرگودها، ملتان ۽ بهاولپور ۾ 1767 روپين تائين اٽو ملي رهيو آهي حيدرآباد ۾ اٽي جو ٿيلهو 1680 روپيه، سکر ۾ 1360 روپيه، پشاور ۽ لاڙڪاڻو 1500 روپيه، بنون ۾ 1400 روپيه جڏهن ته ڪوئٽه ۽ خضدار ۾ قيمت 1600 روپيه آهي.