ڪراچي: جي جيل ۾ قيد ڀارتي مهاڻو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي جي لانڍي جيل ۾ قيد ڀارتي مهاڻو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.لانڍي جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد راشد موجب 60 ورهين جي بالو پٽ جيٺا کي ٻين مهاڻن سان گڏ 22 سيپٽمبر 2020ع ۾ سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو هو.جيل اختيارين ٻڌايو ته بالو پنهنجي سزا جو مدو پورو ڪري چڪو هو ۽ ان کي جلد آزادي ملڻ واري هئي.اختيارين موجب بالو جو مڙهه قانوني ڪارروائي کانپوءِ امانت طور ايڌي فائونڊيشن کي موڪليو ويو آهي، گهرو وزارت کي به اطلاع ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ بالو جو مڙهه ڀارت روانو ڪيو ويندو.