ڪراچي :جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جيڪو وقفي وقفي سان رات دير تائين جاري رهي سگھي ٿو.
ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي، اسڪيم 33، صفورا چورنگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ گلشن معمار، سرجاني ٽائون، ملير ۽ گلشن اقبال ۾ به برسات جا اطلاع آهن.ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، ايف بي ايريا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به گجگوڙ سان گڏ برسات ٿي رهي آهي جڏهن ته ملير ماڊل ڪالوني، گلستان جوهر، سچل ڳوٺ ۽ ايئرپورٽ جي ڀرپاسي ۾ به ڪڪر وسي رهيا آهن.نمائش چورنگي، صدر، ايم اي جناح روڊ، ڪورنگي، لانڍي، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ اولڊ سٽي ايريا ۾ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي تيز برسات ٿي رهي آهي.موسمياتي تجزيه نگار جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ رات جو دير تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي، سڀاڻي به ڪٿي ڪٿي وچولي برسات ٿي سگھي ٿي.جواد ميمڻ موجب سڀاڻي شهر ۾ برسات جا بهتر امڪان آهن، 10 جولاءِ تائين برسات جو امڪان رهندو.