ڪراچي : جي واپارين آرمي چيف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مدد گهري ورتي آهي. ڪراچي جي سڀني کان وڏي هول سيل بولٽن مارڪيٽ جي واپاري اتحاد ايسوسيئيشن جي چيئرمين شريف ميمڻ ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جي قيمتن واڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي احتجاج جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.شريف ميمڻ چيو ته مهانگائي سبب پريشان عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي. ملڪ جي معيشت زبون حالي جو شڪار آهي. عام ماڻهو پنهنجي ٻارن کي ٻن وقتن جي ماني ڪمائي نٿو ڏئي سگهي، اسان جو سڄو ڪاروبار تباهه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته آرمي چيف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان پرزور اپيل ڪريون ٿا ته ڪراچي جي عوام جي ڪي اليڪٽرڪ مان جان ڇڏائي وڃي. شريف ميمڻ چيو ته اسان بجلي جي بلن ۾ سمورن قسمن جي ٽيڪسن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪريون ٿا.هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان بجلي جي بلن ۾ لڳايل ناجائز ٽيڪسز جي خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي واپارين ۽ عوام کي ڇوٽڪارو ڏياري ۽ بلنگ تي ناجائز ٽيڪسز جو خاتمو ڪيو وڃي. بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪراچي جي سمورن علائقن مان ختم ڪئي وڃي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ کي نٿا مڃون اهو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.شريف ميمڻ چيو ته عوام ۽ واپاري برادري ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه ويهندي چيف جسٽس کان مطالبو ڪريون ٿا ته بجلي فراهم ڪندڙ ادارن خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي عوام ۽ ڪاروباري برادري کي هن ظلم کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.شريف ميمڻ وڌيڪ چيو ته مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. عوام طرفان خريداري نه هجڻ جي برابر آهي. جڏهن ته ڪاروباري سرگرميون تاريخ جي سڀني کان هيٺين سطح تي پهچي ويون آهن. هن چيو ته حڪومت طرفان گذريل ڏينهن في يونٽ ۾ 5 روپيه واڌ ڪري عوام سان ظلم ڪيو ويو آهي. حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي عوام مٿان بار وجهي رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪراچي جا واپاري سراپا احتجاج آهن