ڪراچي: جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو.گلشن اقبال، نيپا چورنگي ۽ گلستان جوهر جي مختلف علائقن ۾ به تيز برسات پئي. ان کان علاوه ڪلفٽن، لياقت آباد، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، شاهراهه فيصل، محمد علي سوسائٽي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات رڪارڊ ڪئي وئي.موسميات کاتي موجب ڪجهه وقت تائين وچولي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي. برسات جو سلسلو 1 کان 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي سگهي ٿو.ڪراچي ۾ تيز برسات کان پوءِ گرمي جو زور به ٽٽي ويو آهي جڏهن ته موسم به خوشگوار ٿي ويو آهي. جنهن کان پوءِ اتان جي رهواسين آچر جي ڏينهن موڪل هجڻ سبب تفريحي هنڌن جو رخ ڪري ورتو آهي.