ڪراچي: وفاقي حڪومت ڪراچي-حيدرآباد پيڪيج تحت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي ميمبرن لاءِ 20 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب، ڪراچي لاءِ 15 ارب ۽ حيدرآباد لاءِ 5 ارب روپيا مخصوص ڪيا ويا آهن.ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبرن پنهنجن علائقن جي ترقياتي اسڪيمون پاڪستان انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (PIDCL) وٽ جمع ڪرايون هيون، جيڪي اسڪروٽني کانپوءِ سي ڊي ڊبليو پي مان منظوري حاصل ڪري چڪيون آهن. هاڻي ايڪنڪ مان منظوري کان پوءِ ٽينڊرنگ جو عمل شروع ڪيو ويندو.فنڊ سان فلائي اوورز، سيوريج، پاڻي، روڊن جي تعمير ۽ مرمت سميت عوامي دلچسپي جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا.PIDCL ذريعن ٻڌايو آهي ته نه رڳو اهي فنڊ منتقل ٿي چڪا آهن، پر مسلم ليگ (ن) جي خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن لاءِ به 3 ارب روپين جا فنڊ جاري ٿيا آهن، جڏهن ته سيپ جي مد ۾ 3 ارب روپيا ڌار کان مليا آهن. اهڙي طرح گڏيل طور تي 26 ارب روپيا جاري ٿيا آهن.ان کان علاوه، سيپ جي تحت اڳ ۾ ئي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي هر قومي اسيمبلي ميمبر کي 25-25 ڪروڙ روپيا ڏنا ويا هئا. انهن منصوبن مان تقريباً 400 مان 100 اسڪيمون ٽينڊر ٿي، ٺيڪيدارن کي ورڪ آرڊر پڻ جاري ٿي ويا آهن.ذريعن موجب، ايندڙ ڪجهه وقت ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم شروع ٿيندا، جنهن سان شهرين کي واضح رليف ملندو.ياد رهي ته اڳ اسيمبلي ميمبرن جا ترقياتي ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي ذميواري هيٺ هئا، پر هاڻي ان جي جاءِ تي PIDCL کي اختيار ڏنو ويو آهي.