ڪراچي جي علائقي سائٽ سپر هاءِ وي ڀرسان ڌاڙيلن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. پوليس اختيارين موجب سائٽ سپر هاءِ وي تي محمدي ڳوٺ ندي جي ڀرسان هٿياربند ڌاڙيل واردات ڪري رهيا هئا ته گشت تي مقرر پوليس اهلڪار پهچي ويا. پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڌاڙيلن پوليس کي ڏسندي ئي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن سبب عادل پتافي ۽ چمن عباسي نالي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. واقعي جي زخمين کي اسٽيڊيم روڊ تي واقع نجي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته چمن عباس زخمن جي سٽ نه سهندي شهيد ٿي ويو. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.