ڪراچي: درخشان ٿاڻي جي حد بلاڪ 28 ڀرسان سي ويو اپارٽمينٽ جي پارڪنگ ۾ بيٺل پراڊو گاڏي مان هڪ مرد ۽ عورت جا لاش مليا آهن۔ پوليس موجب مرد جي سڃاڻپ شهباز ملڪ جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته 28 ورهين جي عورت جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔ ٻنهي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔شروعاتي جائزي ۾ موت جو سبب ساهه ٻوساٽجڻ لڳي ٿو، پر پوليس جو چوڻ آهي ته حتمي سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ ئي سامهون ايندو۔ واقعي کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري سي ويو اپارٽمينٽ پهچي وئي ۽ سوسائٽي جا گيٽ عارضي طور بند ڪيا ويا۔