ڪراچي: فيڪٽري ۾ ڀاڄ سبب 12 فوتگيون، جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

ڪراچي :جي سائيٽ ايريا فيڪٽري ۾ راشن ۽ زڪوات جا پئسا ورهائڻ دوران بدنظمي سبب ٿيندڙ ڀاڄ ۾ 12 فوتگين جي واقعي جي جاچ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.پوليس اختيارين موجب گرفتار ٿيل فيڪٽري مالڪ عبدالخالق کان جاچ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. فيڪٽري مالڪ جي بيان موجب زڪوات جا پئسا حاصل ڪرڻ جي لاءِ مستحق ڪيترن ئي ڏينهن کان فيڪٽري جا چڪر لڳائي رهيا هئا، روزاني ڪيتريون ئي عورتون صبح کان شام تائين پئسن ملڻ جي اميد ۾ فيڪٽري جي ٻاهران ويٺل رهنديون هيون.جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته فيڪٽري انتظاميه طرفان روز ايندڙ ۽ انتظار ڪندڙ عورتن کي خالي هٿين واپس اماڻيو پئي ويو. فيڪٽري عملو ۽ سپروائيزر مستحقين کي ٻئي ڏينهن اچڻ جو چوندا هئا جنهن تي هو مايوس ٿي واپس موٽي ويندا هئا.جاچ اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته فيڪٽري مالڪ زڪوات جي حوالي سان صرف اڍائي لک روپين جي رقم ورهائيندو هو. فيڪٽري مالڪ طرفان اڳ به رمضان جي مهيني ۾ زڪوات جي رقم ورهائي ويندي هئي.پوليس موجب فيڪٽري مالڪ عبدالخالق پهرين اپريل تي عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب روانو ٿيڻو هو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن جمعي تي ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ ڊائنگ فيڪٽري طرفان زڪوات جي ورهاست دوران ڀاڄ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. فوت ٿي ويلن ۾ 2 ٻار ۽ 9 عورتون پڻ شامل آهن.