پاڪستان ڪسٽم جي ٻن سينئر آفيسرن جي ڪراچي مان پراسرار گمشدگي کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
سائوٿ پوليس روايتي حدن جو تڪرار ڄاڻائي معاملي تي ضلعي شرقي پوليس کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.سپرنٽينڊنٽ طارق محمود ۽ ياور عباس جمعي 7 جولاءِ جي شام پنهنجي آفيس مان گهر جي لاءِ نڪرڻ کان پوءِ گم ٿي ويا هئا. آفيسرن جي گهر ڀاتين پاران ڪيل رابطي کان پوءِ درخواست ڏني وئي جنهن کان پوءِ سائوٿ پوليس جاچ جي شروعات ڪئي هئي.ان حوالي سان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي سينئر سپرنٽينڊنٽ پوليس سائوٿ اسد رضا ٻڌايو ته گم ٿي ويل ڪسٽمز انفورسمينٽ ۾ مقرر آفيسر طارق محمود ۽ ياور عباس جا موبائيل فون شاهراهه فيصل تي ڪار ساز ويجهو بند ٿيا.ٻئي موبائل فون 7 جولاءِ جي شام 7 لڳي 32 منٽن تي ڪارساز ويجهو بند ٿيا. واقعي کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ناهي ڪيو.ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا موجب ڪسٽم آفيسرن جي اغوا جو واقعو ڪراچي ايسٽ ڊسٽرڪٽ پوليس جي علائقي ۾ پيش آيو آهي. سندن گهر ڀاتين کي ڪراچي ايسٽ پوليس سان رابطو ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي.