“ڪراچي مرطوب، هواون سان ڀرپور! — بوندا باندي جا امڪان، گرميءَ کان عارضي رليف”

ڪراچي واسيون ڪجهه ڏينهن لاءِ بادل ڀريل، مرطوب موسم لاءِ تيار رهن، ڇو ته محڪمه موسميات موجب، شهر ۾ ايندڙ ڏينهن دوران موسم گهڻو ڪري ابر آلود رهندو.
صبح ۽ رات جو هلڪي بوندا باندي جو امڪان آهي
جنوب⁠-⁠اولهه کان لڳ ڀڳ 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن
هوا ۾ نميءَ جو تناسب 74٪ تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي
وڌ کان وڌ گرمي پد 32 کان 34 درجا سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اميد آهي
☔ ملڪ جي بالائي علائقن ۾ به موسم سخت:
ٻئي پاسي، ملڪ جي اترين (بالائي) علائقن لاءِ اڄ به بارش جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. انتظاميه طرفان غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.