يارهين ڪلاس جي شاگردن جي فيل ٿيڻ واري معاملي تي ڪرايل اسڪروٽني جا 97 سيڪڙو نتيجا صحيح قرار ڏنا ويا آهن دستاويزن موجب 26 هزار شاگردن پيپرن جي اسڪروٽني ڪرائي جنهن مان 97 سيڪڙو جا نتيجا صحيح قرار ڏنا ويا. دستاويزات ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سائنس گروپ 6174 اميدوارن جي پرچن جي اسڪروٽني ڪئي وئي. ميڊيڪل گروپ جي 10302 اميدوارن جي پيپرن جي اسڪروٽني ۽ انجنيئرنگ گروپ جي 9 هزار کان وڌيڪ اميدوارن جي اسڪروٽني ڪئي وئي دستاويزات موجب اسڪروٽني ڪرائيندڙ شاگردن کي ماهر استادن، والدين جي موجودگي ۾ ڪاپيون به چيڪ ڪرايون ويون. دستاويزات ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته 26 هزار اميدوارن مان 830 جي نتيجن ۾ معمولي تبديلي آئي جڏهن ته اسڪروٽني جي رپورٽ سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي ڏانهن اماڻي ويندي.