ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن ۾ ٿيل برسات دوران مختلف حادثن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون. ڪراچي ۾ برساتن دوران مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته لياري ۾ موسيٰ لين جي عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءَ فوت جڏهن ته حادثي ۾ عورت ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته منظور ڪالوني گهٽي نمبر 1 گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار فوت جڏهن ته پيءُ ۽ هڪ پٽ زخمي ٿي پيا. انهي کان علاوه نيو ڪراچي سيڪٽر 11 جي گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 40 ورهين جو گلفام، گوليمار دردوس ڪالوني جي دوڪان ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 22 ورهين جو مير جان جڏهن ته سرجاني خدا جي بستي ۾ گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 21 ورهين جو احمد ۽ ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 17 ورهين جو مدثر فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب سائيٽ ايريا ليبر اسڪوائر ڪمپني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 22 ورهين جو ڪامران زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو جتي سندس حالت هاڻ سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.